حافظ شاهه ناطق حسيني

حافظ شاهه ’ناطق‘ حسيني: سيد حافظ شاهه’ناطق‘ حسيني سنڌ جي تاريخي شهر ٽکڙ ۾ 26 فيبروري 1926ع تي جنم ورتو. علمي ماحول سبب ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو شعر ۽ ادب ڏانهن هو. 1954ع ڌاري حيدرآباد اچي مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪري 1950ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان وڪالت پاس ڪيائين. حافظ شاهه ’ناطق‘ مضمون نويسي ۽ افسانه نگاريءَ ۾ به چڱو جوهر ڏيکـاريـو. ســندس لکـيـل ڪـتابـن ۾: (1) ’تبـاهـي‘، (2) ’داسـتـان غــم‘، (3) ’ڏوهاري ڪير‘ (1958ع)، (4) ’عورت‘ (1956ع) ۽ (5) ’چلولي‘ شامل آهن. اداري سنڌي ادب ٽنڊي محمد خان جو 15 سال صدر رهيو. سندس شاعريءَ جو دامن غزل جي رنگينيءَ ۽ پختگيءَ سان ڀريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.02.26  عيسوي

سيد حافظ شاهه’ناطق‘ حسيني سنڌ جي تاريخي شهر ٽکڙ ۾ 26 فيبروري 1926ع تي جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم جعفر
سليم هالائي
محبوب سنڌي
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
آتش سنڌي
سيد باغ علي شاهه لکوي
ڀٽي نور محمد پرواز
زاهد شيخ
عبدالغفور شاهه تقوي سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون